SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سوساله جنگ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سوساله جنگ

Hundred Years War

هنڊريڊ ييئرس وار

1337ع کان 1453ع تائين فرانس ۽ انگلنڊ جي وچ ۾ لڳل لڙائين جي سلسلي کي ’سوساله جنگ‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. فرانس ۾ تخت جي وارثيءَ جي مسئلي تان ٿيل گهرو اڻبڻت جي نتيجي ۾ لڳل هن جنگ جو اصل سبب، انگلنڊ جي فرانسي ٻولي ڳالهائيندڙ(۽ فرانسيسي پسمنظر رکندڙانگلنڊ جي مشهور بادشاهه ’فاتح وليم‘ جي نسب سان لاڳاپيل) حاڪم ’ايڊورد ٽئين‘ طرفان پنهنجي فرانسي ماءُ ’ايلينور‘ جي مائٽي ڳنڍيندي فرانس جي تخت تي دعوئ ڪرڻ هو. انگلنڊ جي ٻئي بادشاهه ’فلپ ڇهين‘ پاران فرانس جي علائقي ’گئسڪوني‘ تي قبضي ۽ فرانسين طرفان اسڪاٽ قومپرستن جي حمايت ڪرڻ سان ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ تيزي آئي. جنگ جي ابتدا ’سُليس جي جنگ‘ (1340ع) سان ٿي جنهن ۾ انگلنڊ کي سوڀ ته ملي، پر فرانس کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ ’ايڊورد ٽئين‘ اتحادين مٿان وڏو پئسو خرچ ڪيو، جنهنجي نتيجي ۾ انگلنڊ ۾ سياسي بحران پيدا ٿي ويو. 1346ع ۾ بادشاهه ايڊورڊ وڏو لشڪر وٺي جنگ جي خيال سان ’نارمنڊي‘ پهتو. سندس جواب ۾ فرانس جو بادشاهه به وڏي لشڪر سان اڳتي وڌيو ۽ ٻنهي جي فوجن وچ ۾ ’سريسي‘ (Crecy) جي علائقي ۾ زبردست لڙائي لڳي، جنهن ۾ انگلينڊ کي سوڀ ملي. 1356ع ۾ ’پوئيترس‘ جي ميدان ۾ بادشاهه ايڊورڊ ۽ فرانسي بادشاهه جي وچ ۾ نئين جنگ لڳي، جنهن ۾ فرانس کي هار ملي ۽ سندس بادشاهه به گرفتار ٿيو. جنگ جي ٻئي حصي (1369ع کان1396ع ) ۾ فرانس کي بادشاهه ’فلپ پنجين‘ جي قيادت ۾ سوڀون مليون ۽ انگلنڊ پوئتي هٽيو. 1415ع ۾ انگلنڊ جي بادشاهه ’هينري چوٿئين‘ جي اڳواڻيءَ ۾ جنگ جو ٽيون ۽ آخري سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ انگلنڊ کي سوڀ سان گڏ فرانسيسي تخت به مليو. پر 1429ع ۾ جڳ- مشهور جنگي سورمي ’جون آف آرڪ‘ جي اچڻ سان جنگ جو نقشو تبديل ٿي ويو. ’جون‘ فرانس ۾ قومي خودداريءَ کي بيدار ڪندي ۽ قابض انگريز فوج سان وڙهندي 1440ع ۾ جان جو ٻليدان ته ڏنو، پر ان کانپوءِ فرانس جو فتحون وڌنديون ويون ۽ آخرڪار 1454ع ۾ فرانس کي مڪمل طور آزاد ڪرايو ويو. هن جنگ يورپ ۾ قوم پرستي، جنگ جي نئين هُنر، سياسي سمجهه ۽ عوامي ڪردار بابت نوان تصور پيدا ڪيا. ڪن تاريخدانن 1688ع جي ’شاندار انقلاب‘ کان وٺي 1815ع جي ’واٽرلو‘ُ جي جنگ تائين ٻنهي ملڪن اندر ٿيل تڪرارن جي سلسلي کي ’ٻي سوساله جنگ‘ ڪوٺيو آهي


Remember Me Also:

اڙهڻ

مصدر. هڪ ٻئي مٿان ڍڳ ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal